اين. جي. وي. ھاءِ اسڪول

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نارائڻ جڳن ناٿ واڊيا گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول
ھنڌ
Script error: The function "auto" does not exist.
Script error: The function "autocaption" does not exist.
ڪراچي، سنڌ، پاڪستان

معلومات
قسم سرڪاري اسڪول
قيام آڪٽوبر 1855ع

اين. جي. وي. ھاءِ اسڪول 1855ع ۾ قائم ٿيو ۽ ڪراچيءَ ۾ قائم ٿيڻ وارو چوٿون اسڪول هو. شروع ۾ هن جو نالو ”ورنيڪيولر ميڊيم انگلش اسڪول“ هو، جنهن جو مقصد آباديءَ کي سنڌي زبان جي ذريعي انگريزي زبان سان واقف ڪرڻو هو. هن اسڪول جو نالو بعد ۾ هڪ استاد نارائڻ جڳن ناٿ جي نالي پٺيان ”نارائڻ جڳن ناٿ هاءِ اسڪول“ يعني اين. جي. وي. هاءِ اسڪول رکيو ويو. 1888ع ۾ اين. جي. وي هاءِ اسڪول ۾ 391 شاگرد هئا، جنھن ۾ 276 هندو، 93 پارسي، 17 مسلمان ۽ 3 يھودي هئا. هن اسڪول جي معيار کي آڏو رکي، ان کي ٻن شفٽن ۾ هلايو ويو. هيءُ اسڪول 1947ع ۾ پنھنجي نئين عمارت ۾ منتقل ٿيو. پاڪستان جي قيام کان پوءِ سنڌ اسيمبليءَ جي پراڻي عمارت کي پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ جي عمارت ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ اين. جي. وي هاءِ اسڪول جي نئين عمارت ۾، هيٺينءَ منزل تي سنڌ اسيمبلي قائم ڪئي وئي. سنڌ يونيورسٽيءَ پنھنجي شروعاتي قيام واري عرصي کان وٺي حيدرآباد منتقل ٿيڻ (1951ع) تائين، هن اسڪول جي اولھ واري حصي ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. هن وقت هيءُ اسڪول، ايم اي جناح روڊ (اڳوڻي بندر روڊ) تي سعيد منزل ويجهو، پنھنجي انهيءَ بلڊنگ ۾ هلندڙ آهي ۽ ڪراچيءَ جي مشھور اسڪولن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن ۾ هاڻي بہ ٻہ شفٽون آهن جن مان هڪ ڇوڪرن لاءِ ۽ ٻي ڇوڪرين لاءِ آهي، هن وقت هن اسڪول جي اڌ عمارت ڪجهہ سرڪاري دفترن کي ڏنل آهي، باقي اڌ ۾ اسڪول هلندڙ آهي.[1][2][3]

ھي اسڪول 1855 ۾ ورنيڪيولر انگلش ميڊيم اسڪول جي نالي سان کوڙي گارڊن واري علائقي ۾ قائم ڪيو ويو. ھن اسڪول جو پھريون ھيڊ ماستر مھاديو شاستري ھيو.1864 ۾ ھن اسڪول کي ھاء اسڪول جو درجو مليو. 1865ع تائين سنڌ ۾ تعليم کاتو نہ ھيو ۽ سنڌ جي روينيو کاتي جو ھڪ انگريز آفيسر تعليمي مامرا سنڀاليندو ھيو. 1865 ۾ تعليم کاتو قائم ڪيو ويو. مسٽر گولڊ سمٿ تعليم کاتي جو پھريون انسپيڪٽر ۽ ھن اسڪول جو ھڪ استاد نارائڻ جگن ناٿ واڊيا ڊپٽي انسپيڪٽر مقرر ڪيا ويا. 1873ع ۾ نارائڻ جگن ناٿ جي لاڏاڻي کان پوءِ سندس تعليمي خدمتن عيوض اسڪول جو نالو نارائڻ جگن ناٿ اينگلو ورنيڪيولر اسڪول يعني اين جي اسڪول رکيو ويو پر 1889ع ۾ سندس پوٽي بيريسٽر سي.ڊي.واڊيا سنڌ حڪومت کي گذارش ڪئي تہ واڊيا کان سواءِ منھنجي ڏاڏي جو نالو اڻپورو آهي ان لاءِ اسڪول جو نالو درست ڪيو وڃي. سندس گذارش کي منظور ڪندي سنڌ جي تعليم کاتي اسڪول جو نالو مٽائي نارائڻ جگن ناٿ واڊيا ھاء اسڪول رکي ڇڏيو جيڪو اڄ ڏينھن تائين اين.جي.وي. ھاءاسڪول سڏجي ٿو.[4]

حوالا[سنواريو]

  1. اين جي وي هاءِ اسڪول : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. Narayan Jagannath High School - Wikipedia
  3. List of schools in Karachi - Wikipedia
  4. يادن جي ڳڙکيء مان (يادگيريون) از: عبدالرزاق سومرو؛ ترتيب:خالد چانڊيو؛ پبلشر: رائيٽرس ڪلب لاڙڪاڻو؛ ايڊيشن :2011ع حاشيہ پيج نمبر 491