ايما گولڊمين

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ايما گولڊمين
(انگريزي ۾: Emma Goldman خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
 

معلومات شخصيت
ڄم 27 جُونِ 1869[1][2][3]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
موت 14 مَئي 1940 (71 سال)[2][3]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
وجه موت اڌ رنگ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو cause of death (P509) وڪي ڊيٽا تي
شھريت سلطنت روس
آمريڪا (1887–1908)[4]
گڏيل بادشاھت (1925–)[4]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو صحافي،ليکڪ[5]،فلسفي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي انگريزي ٻولي،جرمن ٻولي،روسي ٻولي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
دلچسپي فلسفو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو field of work (P101) وڪي ڊيٽا تي
مؤثر شخصيتون ٿوريو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو influenced by (P737) وڪي ڊيٽا تي
دستخط
 
ويب سائٽ
IMDB تي صفحات  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو IMDb ID (P345) وڪي ڊيٽا تي

1869ع ۾ روسي سلطنت جي هڪ يهودي گهراڻي ۾ ايما گولڊمين (Emma Goldman) نالي هڪ ڇوڪري پيدا ٿي. سندس والد ٻارن کي ننڍين ننڍين ڳالهين تي جسماني سزا ڏيندو هئو. ايما گهر جي ٻارن ۾ سڀ کان وڌيڪ باغياڻو مزاج رکندي هئي، تنهنڪري سندس والد کيس ڦٽڪا به هنيا هئا.

ماءُ ٻارن کي پيءَ جي سزا کان بچائڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. ايما لکي ٿي ته سندس والد جي ان رويئي جو اصل سبب جنسي فرسٽريشن هئي. ننڍپڻ ۾ ٻارن کي ماسترن طرفان مارڻ، پوءِ هڪ ڀيرو هن هڪ هاريءَ کي ڦٽڪن سان مار کائيندي ڏٺو ته کيس ان اٿارٽيءَ سان نفرت ٿي وئي. والد جي معاشي حوالي سان ناڪام زندگي هئي، تنهنڪري ايما جو ننڍپڻ تمام گهڻي غربت ۾ گذريو.

والد کيس اسڪول مان ڪڍرائي ڇڏيو، جڏهن ايما پيءُ کي چيو ته کيس اسڪول وڃڻ ڏنو وڃي ته سندس والد کانئس ڪتاب ڦري چيو ته يهودي ڇوڪرين لاءِ کاڌو پچائڻ ۽ ٻارَ ڄڻڻ ئي زندگي جو مقصد آهي. والد ايما جي 15 ورهين ۾ وِهانءُ (شادي) ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي ٻنهي ۾ جهيڙو ٿيو ۽ سندس والد کيس چيو ته تون اخلاقي ۽ جنسي طور تي بگڙجندي پئي وڃي. ايما پنهنجي والد کي چيو ته اها جنهن سان پيار ڪري ٿي، وهانءُ به ان سان ئي ڪندي. هڪ ڀيرو هڪ مرد ايما سان بلادڪار (ريپ) به ڪيو. ان ريپ ايما جي نفسيات تي ڏاڍو خراب اثر وڌو ۽ کيس خبر پئي ته مرد ۽ عورت جو جسماني لاڳاپو ايترو ڏاڍ وارو به ٿي سگهي ٿو. 1885ع ۾ ايما جو خاندان نيويارڪ اچي وڃي ٿو.

نيويارڪ ۾ ايما کي گارمينٽس ٺاهڻ واري هڪ فيڪٽري (ڪارخاني) ۾ نوڪري ملي، جنهن ۾ اها اوورڪوٽ سبندي هئي. اتي سندس هڪ ساٿي ورڪر جيڪب هو. ان ايما ۾ ڪتاب پڙهڻ، رقص ڪرڻ، گهمڻ ۽ ڦرڻ جو شوق پيدا ڪيو. جلد ئي ٻنهي پاڻ ۾ وهانءُ ڪري ورتو. پر وهانءَ واري رات ايما کي خبر پئي ته جيڪب نامرد آهي. تنهنڪري ٻئي جلد ئي جذباتي ۽ جسماني طور تي هڪٻئي کان پَري ٿي ويا.

والدين ايما کي چالو سمجندي کيس گهر مان ڪڍي ڇڏيو. تڏهن ايما سبڻ جي هڪ مشين ۽ پنجن ڊالرن سان نيويارڪ جي هڪ ٻئي حصي ۾ هلي وئي. ان علائقي ۾ کيس پهريئن ئي ڏهاڙي ٻه اهڙا ماڻهو مليا، جن سندس باقي سڄي زندگي ڦيرائي تبديل ڪري ڇڏي. اتي هڪ ڪيفي هئي. جتي انارڪسٽ ويچارن جا ريڊيڪل ڪامريڊ پاڻ ۾ ملندا هئا ۽ ٽيڪاٽپڻيون ڪندا هئا. اتي ايما هڪ اهڙي ڪامريڊ جو ليڪچر ٻڌو، جنهن جو مطلب هو ته تبديلي لاءِ تشدد جي پاسي وڃڻ گهرجي. ايما ان جي پُرجوش تقرير کان ڏاڍي متاثر ٿي ۽ ان شخص جي ويجهو ٿي وئي. اتي ايما کي نون انقلائي خيالن جي ڄاڻ ملي، ايما ان شخص کان تقرير ڪرڻ سکي ورتي. ان شخص ايما کي چيو ته ”تون منهنجي وڃڻ کانپوءِ منهنجي جڳهه وٺندئين.“ ايما گڏجاڻين کي خطاب ڪرڻ شروع ڪيو. ان دوران ايما جي ملاقات Berkman سان ٿي، جلد ئي ٻئي هڪ ٻئي جي پيار جي لاڳاپي ۾ اچي ويا. ٻنهي جي وچ ۾ نظرياتي ۽ ذهني هڪجهڙائي يا هم آهنگي هئي. ٻئي انساني آزادين ۽ آجپي جا قائل هئا. ان دوران هڪ فيڪٽريءَ ۾ مزدورن جي هڙتال ٿي، جنهن ۾ پورهيتن ۽ مالڪن جي وچ ۾ جهيڙي تشدد واري صورتحال اختيار ڪري ورتي. جنهن ۾ فيڪٽريءَ جي مالڪن جي محافظ سميت 9 هڙتالي مزدور مارجي ويا.

فيڪٽري (ڪارخاني) جي هڙتال ۽ رتوڇاڻ جي نتيجي تي ايما ۽ سندس ساٿي فيصلو ڪيو ته اسان کي ڪارخاني جي مينيجر کي قتل ڪري ڇڏڻ گهرجي. ائين ڪرڻ سان اسان جي انقلابي نظرين کي مشهوري ملندي ۽ سرمائيدارن جي دلين ۾ ڊپ ويهجي ويندو. برڪمين چيو ته قتل آئون ڪندس ۽ منهنجي جيل وڃڻ کان پوءِ انقلابي تقريرون ۽ ڪم تو کي وڌائڻو پوندو. ٻنهي وٽ هٿيار خريد ڪرڻ جيترا پئسا به نه هئا. تڏهن ايما پئسن جي عيوض سيڪس ڏيڻ تي راضي ۽ تيار ٿي وئي. ايما جو دوستووسڪيءَ جو ناول ”ڏوهه ۽ سزا“ (Ddoh aein sazaa) پڙهيل هئو. جنهن جي هيروئن جسم وڪڻي پنهنجي ڀائرن ۽ ڀيڻ جي مدد ڪندي هئي. ايما چيو ته جيڪڏهن حساس سونيا پنهنجو جسم وڪڻي سگهي ٿي ته آئون ڇو نه؟ ائين هٿيار حاصل ڪرڻ کان پوءِ برڪمين مينيجر کي قتل ڪري ڇڏيو. ان تي کيس 22 ورهيه قيد جي سزا ملي. پوءِ قاتل جي ساٿي هئڻ جي شڪ ۾ پوليس ايما جي گهر تي ڇاپو هنيو. توڙي جو ڪو به ثبوت نه مليو. پر پوءِ ايما ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار هن ريت ڪيو؛ 23 ورهين جي عمر ۾ عقل سان ته نٿو سوچي سگهجي.

1893ع ۾ آمريڪا ۾ سخت قسم جو معاشي گهوٽالو شروع ٿي پيو. بيروزگاري تمام گهڻي وڌي وئي، مظاهرا ٿيڻ لڳا. ايما نيويارڪ جي يونين اسڪوائر ۾ 3000 هزار ماڻهن جي ميڙ کي خطاب ڪيو. هن بيروزگار پورهيتن کي چيو ته، اميرن کان دولت ۽ پئسي جي سگهه ڦري وٺو. ڏڦيڙ ۽ تشدد جي ترغيب ڏيڻ تي ايما گرفتار ٿي وئي. نيويارڪ جي اخبار کيس نئين دور جي جون آف آرڪ جو نالو ڏنو. عدالت ۾ کانئس انارڪسٽ ۽ ملحد هئڻ تي سوال پڇيا ويا. جج ايما کي خطرناڪ مائي (عورت) قرار ڏنو ۽ کيس هڪ ورهيه قيد جي سزا ٻڌائي.

جيل مان آجپو ماڻڻ تي 3000 هزار ماڻهن سندس آجيان ڪئي ۽ سندس ڏاڍي مشهوري ٿي. ايما يورپ ۽ انگليڊ جي ڪيترن ئي شهرن جا دورا ڪيا. 1901ع جو واقعو آهي ته هڪ بي روزگار پورهيت جنهن جي ذهني حالت به ٺيڪ نه هئي، ان آمريڪي صدر William McKinley گوليون هلائي ڇڏيون، جيڪو 8 ڏهاڙن کان پوءِ هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. قاتل سوگهو (گرفتار) ٿيو ته بيان ۾ چيائين ته انارڪسٽ آهي ۽ ايما گولڊمين جي نظريئي کان متاثر ٿي هن اهو عمل ڪيو آهي. ايما کي وري سوگهو (گرفتار) ڪيو وڃي ٿو. پر ايما جو قاتل سان ڪو به واسطووڙو ثابت نه ٿيڻ تي ايما کي ڇڏي ڏنو وڃي ٿو. ايما تي زور ڀريو ويو ته اها ان عمل جي نندا ڪري پر ايما ان قتل واري عمل جي نندا ڪرڻ کان لاڳيتو انڪار ڪيو. انجهاني صدر کانپوءِ روزويليٽ آمريڪا جو صدر ٿيو. جنهن انارڪسٽن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ان دوران ايما کي ميڊيا ٽرائيل جي تحت پريس ۾ ايڏو ته بدنام ڪيو ويو، جو سندس ڪيترائي ساٿي کيس ڇڏي ويا. ائين ايما عوامي زندگي (پبلڪ لائف) مان غائب ٿي وئي. ان دوران حمل روڪ (برٿ ڪنٽرو) جي تحريڪ شروع ٿي. ايما اڳيان وڌي ان تحريڪ جي ڀرپور حمايت ڪئي ۽ ان جي حق ۾ مضمون لکيا. سندس مطابق حمل روڪ (برٿ ڪنٽرول) اصل ۾ مائين (عورتن) جو آزادي ڏانهن هڪ قدم هئو.

ٻي وڏي عالمي جنگ شروع ٿيڻ تي انارڪسٽن فوج ۾ لازمي ڀرتيءَ جي قانون خلاف تحريڪ هلائي. جنهن ۾ ايما ڏاڍي سرگرميءَ سان حصو ورتو. ان تحريڪ دوران ايما کي ۽ سندس ساٿين کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ايما کي واپس روس ڏانهن ڊيپورت ڪري ڇڏيو ويو.

ٻئي پاسي روس ۾ بالشيوڪ انقلاب اچي چڪو هو. شروع ۾ ايما انقلاب جي حمايت ڪئي پر جڏهن روسي انقلاب جو ڏاڍ ۽ ظلم ڏٺو ته ايما روسي انقلاب جي خلاف ٿي وئي. ايما جي لاءِ اها ڏاڍي ڏک جهڙي ڳالهه هئي ته سوويت يونين ۾ اظهار جي آزاديءَ کي بورزوازي جو نالو ڏنو پيو وڃي. ڪنهن به ڳالهه سان اختلاف کي برادشت نٿو ڪيو وڃي. 1927ع ۾ ايما ڪئناڊا اچي رهڻ لڳي ٿي. ان دوران ايما پنهنجي سوانح حيات Living my life لکي. ڪئناڊا ۾ ايما جنگين خلاف لکندي ۽ ڳالهائيندي رهي ۽ جمهوريت ۽ جمهوري نظام جي حمايت ڪندي رهي. 1940ع ۾ ايما تي فالج جو حملو ٿيو ۽ 70 ورهين جي ڄمار ۾ ڪئناڊا جي صوبي آنٽاريو جي شهر ٽورانٽو ۾ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي.[6]

حوالا[سنواريو]

  1. عنوان : Emma Goldman: An Intimate Life — ناشر: Pantheon Books
  2. 2.0 2.1 Gran Enciclopèdia Catalana ID (former scheme): https://www.enciclopedia.cat/ec-gec-0030359.xml — subject named as: Emma Goldman — عنوان : Gran Enciclopèdia Catalana — ناشر: Grup Enciclopèdia
  3. 3.0 3.1 Proleksis enciklopedija ID: https://proleksis.lzmk.hr/55270 — subject named as: Emma Goldman — عنوان : Proleksis enciklopedija
  4. 4.0 4.1 NNDB people ID: https://www.nndb.com/people/840/000024768/
  5. عنوان : American Women Writers
  6. Emma Goldman - Wikipedia