ايان (ماڊل)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ايان (ماڊل)
 

معلومات شخصيت
ڄم 30 جُولاءِ 1993 (31 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
شھريت پاڪستان  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو اداڪار  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ويب سائٽ
ويب سائٽ باضابطہ ویب سائٹ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو official website (P856) وڪي ڊيٽا تي

ايان علي (اردو: ایان, پيدائش (انگريزي ٻولي: Ayyan Ali) جولاءِ 30 تي, 1993 ۾ دبئي, UAE پاڪستاني ماڊل آهي. [1] هن 2010 ۾ ماڊلنگ شروع ڪئي ۽ سڀ کان بهترين اڀرندڙ عورت ماڊل جو اعزاز کٽيائين. [2]. هيءَ لڪس اسٽائيل ايوارڊ لاءِ چار ڀيرا نامزد ڪئي وئي. [3]. 2013 ۾، هن واضع ڪيو ته هي چاهي ٿي ته هوءَ عوامي طور تي رڳو "ايان" طور سڃاتي وڃي ۽ نڪي "Ayyan ايان علي" جي نالي سان سڏِي وڃي. [4]

ڪيريئر[سنواريو]

ايان ماڊل جي طور تي پنهنجي ڪيريئر جي شروعات سورنهن سالن جي عمر ۾ ڪئي. [2][4]. هن ماڊلنگ جي شروعات 2010 ۾ ڪئي ۽ سڀ کان بهترين اڀرندڙ عورت ماڊل جو اعزاز کٽيائين. [2] هيءَ لڪس اسٽائيل ايوارڊ لاءِ چار ڀيرا نامزد ڪئي وئي. [3]. هن فيشن ڊزائنرن سان گڏ ڪم ڪيو جِن ۾ حسن شهريار ياسين، ڪرما Chinyere (Bareeze)، گل احمد شامل آهن.

2010 ۾ ايان کي Calvin Klein پاران '2010 جي خوبصورت' (‘Beauty of the Year 2010’) جو لقب مليو. [5]. بعد ۾ هيءَ انهن جي برانڊ ايمبيسيڊر (برانڊ سفير) ٿي وئي، انهيءَ سال ئي کيس لڪس اسٽائيل ايوارڊ لاءِ سڀ کان بهترين اڀرندڙ عورت ماڊل طور نامزد ڪيو ويو ۽ 2010 ۾ لڪس جي طرفان کيس ٻيهر بهترين اڀرندڙ عورت ماڊل نامزد ڪيو ويو.

هن 2010 لاءِ بهترين ناري انعام بيسٽ فيميل ايوارڊ فار 2013 پاڪستان ميڊيا ايوارڊ ۾ کٽيو. [6]. هن جو موسيقي وڊيو ۽ سنگل ڪالڊ يو اينڊ آءِ (You and I) عيد جي موقعي تي پڌرو ڪيو ويو جيڪو جولاءِ 2014 ۾ تنقيد هيٺ آيو. [7] سندس ٻيو ٻه هڪ مشهور ڳانو "ميڪنگ ڊالر" آهي. [1]

الزام ۽ گرفتاري[سنواريو]

14 مارچ 2015 تي،پاڪستان ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورسز ايان کي گرفتار ڪيو ۽ کيس تي مني لانڊرنگ جو الزام لڳايو.هيءَ اسلام آباد ۾ بينظير بين الاقوامي هوائي اڏو تان UAE لاءِ پرواز تي چڙهي رهي هئي. ايان جڏنهن نجي ايئرلائن جي ذريعي دبئي کان پري هئي ايئر پورٽ سيڪيورٽي فورس (اي ايس ايف) جي ڪائونٽر تي هن جي سندس سفري سامان جي جانچ پڙتال ڪئي وئي ۽ آمريڪي ڊالر $ 506،800 دريافت ٿيا .[8].کيس ڪسٽم جج جي سامهون پيش ڪيو ويو، جنهن کيس چوڏنهن-ڏينهن جي عدالتي رمانڊ (Judicial remand) تي موڪلي ڇڏيو. [9].پوءِ کيس امتحان جي لاءِ طبي سهولت ( Medical facility) لاءِ پڄايو ويو.[10].

$500,000 ڊالر سندس سوٽڪيس مان جيڪي نڪتا هئا سي پاڪستان ۾ نقد رقم جي قانوني حد جيڪا $10,000 ڊالر آهي، کان تجاوز ڪري ويا.[11]

آڏي پڇا ڳڇا دوران هن الزامن طور ڪيترن ئي پاڪستاني سياستدانن ۽ انهن ماڊلز جا نالا پڻ ورتا جيڪي مني لانڊرنگ ۾ ملوث هيون.[12] جولاءِ 16، 2015 تي، ايان کي ضمانت تي جيل مان آزاد ڪيو ويو.[13]

ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس ۾ سپر ماڊل ايان علي پنهنجي پاسپورٽ جي واپسيءَ لاءِ عدالت سان رجوع ڪيو ، جڏنهن ته ايان جي وڪيلن10-10 لک رپين جا مچلڪا پڻ تيار ڪيا ويا هيا ۽ اتي سندس ضامن پڻ عدالت ۾ موجو هيا پر بئنڪنگ ڪورٽ جي جج صابر سلطان آڏو پيش ٿي جنهن کيس کي ٽرائيل ڪورٽ سان رجوع ڪرڻ جي هدايت ڪئي .[14]

ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس ۾ ڪسٽم عدالت ايان جي شخصي ضمانت ۽ 20 لک رپين جي ضمانتي مچلڪن کي منظور ڪندي سندس پاسپورٽ واپس ڪري ڇڏيا، ايان انهيءَ فيصلي تي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اڃا کيس اگزٽ ڪنٽرول لسٽ اي سي ايل مان نالو خارج ڪرائڻو آهي.[15] ايان علي جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) مان خارج ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست جمع ڪرائي وئي[16] . سپر ماڊل ايان علي کي ڪراچي ايئرپورٽ تي دبئي وڃڻ کان روڪيو ويو ته هُن ٻيهر توهين عدالت واري درخواست داخل ڪرائي. [17]

ايوارڊ ۽ نامزدگي[سنواريو]

ايان جي لاءِ هيٺيان ايوارڊ ۽ نامزدگيون آهن.[18]

سال انعام (Award) قسم (Category) نتيجو Result
2009 U.S. Consulate General ‘Women’s Day,. Best Model کٽيو
2010 Lux Style Awards Best Emerging Female Model نامزد
2011 Lux Style Awards Best Female Model نامزد
Miss Calvin Klein Beauty Miss Calvin Klein کٽيو
2012 Lux Style Awards Best Female Model نامزد
Pakistan Media Awards Best Female Model کٽيو
2013 Lux Style Awards Best Female Model نامزد
Hum Awards Best Female Model کٽيو
Beauty Awards Miss Photogenic نامزد
Beauty Awards Best Skin نامزد
Beauty Awards Beauty Of The Year نامزد
Veet Awards Veet Awards کٽيو
Express Tribune Awards Best Female Model کٽيو
2014 Pakistan Media Awards Beauty icon of the year کٽيو
Pakistan Media Awards Best Female Model کٽيو
Beauty icon of the year Woman’s Day کٽيو [19]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 آرڪائيو ڪاپي, وقت 2016-03-30 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-03-28 
  2. 2.0 2.1 2.2 "Ayyan won "Best female model award" at PMA 2012". AAJ TV. 9 January 2013. http://www.aaj.tv/2013/01/ayyan-won-the-best-female-model-award-at-pma-2012/. Retrieved 25 February 2013. 
  3. 3.0 3.1 "Ayaan: Pakistan's next top model". دي ايڪسپريس ٽربيون. 4 September 2011. http://tribune.com.pk/story/241863/ayaan-pakistans-next-top-model/. Retrieved ڊسمبر 01، 2015. 
  4. 4.0 4.1 "Fashion Model Ayyan Calls For Correction of Her Name". fashioncentral.pk. حاصل ڪيل 27 November 2015. 
  5. "Ayyan titled as Calvin Klein ‘Beauty of the Year’". fashioncentral.pk. حاصل ڪيل 30 March 2015. 
  6. "Ayyan Wins Best Female Model Award at PMA 2012". fashioncentral.pk. حاصل ڪيل 30 March 2015. 
  7. Ayesha K Khan. "Model Ayyan tries (and fails) with 'You and I'". dawn.com. حاصل ڪيل ڊسمبر 01، 2015.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  8. "Detained model spills ‘money-laundering’ beans". The Nation (Pakistan). 15 March 2015. http://nation.com.pk/national/15-Mar-2015/detained-model-spills-money-laundering-beans. Retrieved 21 May 2015. 
  9. Daily Kawish - Sindhi News Paper
  10. "Supermodel Ayyan sent on 14-day judicial remand in money laundering case - Pakistan - Dunya News". dunyanews.tv. حاصل ڪيل 30 March 2015. 
  11. "Ayyan Ali: Supermodel in a Pakistani jail". BBC News. 5 April 2015. http://www.bbc.com/news/world-asia-32158471. 
  12. "Politicians, models involved in money trade, says Ayyan". April 2015. http://www.khaleejtimes.com/kt-article-display-1.asp?xfile=data/international/2015/April/international_April4.xml&section=international. 
  13. "Ayyan Ali, Pakistan’s top model, freed from prison on bail". The National. Associated Press (Abu Dhabi). 17 July 2015. http://www.thenational.ae/world/south-asia/ayyan-ali-pakistans-top-model-freed-from-prison-on-bail. Retrieved 27 November 2015. 
  14. Daily Kawish - Sindhi News Paper
  15. Daily Kawish - Sindhi News Paper
  16. Daily Kawish - Sindhi News Paper
  17. {{cite news|url=http://www.sindhnewsonline.com/index.php/sindh/karachi/item/21194-2016-06-17-08-29-34%7Ctitle=سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ماڊل ايان علي جي توهين عدالت واري درخواست تڪڙي ٻڌڻي لاءِ منظوري|newspaper=[[سنڌ نيوز آن لائين|agency=سنڌ نيوز آن لائين|date=17 جُون 2016|accessdate=18 جُون 2016}}[مئل ڳنڍڻو]
  18. "Ayyan – Awards". ayyan.net. حاصل ڪيل 30 March 2015. 
  19. آرڪائيو ڪاپي, وقت 2016-03-06 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-03-28