امدادي صفحا

Wikipedia طرفان

       اسڪرپٽ: حسن وساڻ 
         ڪارٽر جيڪو شايد ئي ڪڏهن پنهنجو سڄو نالو استعمال ڪندو هو.
         جيمس  ارل ڪارٽر  1  آڪٽوبر   1924   ۾    امريڪي رياست جارجيا جي شهر پلينز ۾ پيدا ٿيو.
         ٻالڪپڻي ۾ ئي کيس گهر ۾ سياسي ۽ ٻڌ مذهب وارو ماحول مليو.
          1946 ۾ نيول اڪيڊمي مان گريجوئيشن کانپوءِ ڪارٽر ، روسالين اسمٿ سان شادي ڪئي.
           ڪارٽر نيول آفيسر طور ست سال نوڪري ڪرڻ   کانپوءِ واپس پلينز موٽي آيو.
           1962 ۾ هي رياستي سياست  ۾ داخل ٿيو ۽ اٺن سالن کانپوءِ هو جارجيا جو گورنر چونڊيو ويو.
                 1974 ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي طرفان صدارتي اميدوار طور نامزد ڪيو ويو ۽ ٻن سالن تائين امريڪي صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي لاءِ سخت محنت ڪري صدر  جيرالڊ آر فورڊ جي مقابلي ۾ 297 سيٽون کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي
                ڪارٽر، امريڪا مان بي روزگاري ۽ مهانگائي کي ختم ڪرڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي.
           هن پنهنجي آخري انتظامي وقت ۾ امريڪا ۾ 8 ملين نوڪرين پيدا ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي ۽ بجيٽ کوٽ کي پورو ڪيو.
         قومي صنعت کي هيٺين سطح تائين آڻڻ لاءِ جوڳا اپاءَ ورتا.
            بدقسمتي سان امريڪا ۾ پوءِ به مهانگائي جي شرح ريڪارڊ رهي.
               ڪارٽر امريڪا جي اندروني معاملن ۾ خاطري جوڳي ڪاميابي حاصل ڪئي.
              ڪارٽر، توانائي شعبي واري قومي پاليسي  ذريعي توانائي بحران سميت  تيل جي قيمتن تي  ضابطو آندو ۽ ان کان سواءِ امريڪي ترقي لاءِ ڪيتريون ئي پاليسيون جوڙيون.
               پرڏيهي معاملن ۾ ڪارٽر پنهنجوهڪ نئون انداز  متعارف ڪرايو.
              وچ اوڀر ۾ 1978 جي ڪيمپ ڊيوڊ ٺاهه ذريعي مصر ۽ اسرائيل وچ ۾ ڀائيچاري وارو ڪردار ادا ڪيو.
              هن پاناما ڪينال ٺاه جي منظوري ڏيارڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.    
            چين سان ڊپلو ميٽڪ لاڳاپا قائم ڪيا ۽ سوويت يونين سان سالٽ 2 نيو ڪليئر تي ڳالهيون ڪيون.
           اڳتي هلي ان ٺاهه ۾ تڏهن رڪاوٽون پيش آيون جڏهن سوويت يونين  افغانستان ۾ انقلاب آندو.
        ڪارٽر دور ۾ ايران 14 مهينن تائين امريڪي سفارتي اسٽاف کي يرغمال بڻايو نتيجي طور  1980 ۾ هن جي شڪست سبب  کيس عهدو ڇڏڻو پيو .
            هن ايران سان يرغمالين جي آزادي جي معاملي تي لاڳاتار ڳالهيون ڪيون پر کيس ناڪامي ملي.
                آخر ڪار  52 ڏينهن کانپوءِ ساڳي ڏينهن تي جڏهن ڪارٽر صدارتي عهدو ڇڏيو ۽ ٻئي طرف   ايران  يرغمالين کي آزاد ڪيو.