الهه بچايو سمون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

الهه بچايو سمون ولد يار محمد سمون 1912ع ۾ ڄائو. سندس تعلق ملير سان هو. پاڻ سنڌي زبان جو مشهور نثر نويس ٿي گذريو آهي. پاڻ پرائمري استاد هو. سمي صاحب گهڻا ڪتاب ڪونه لکيا هن جا صرف ٻه ڪتاب ڇپيل آهن هڪ سير ڪوهستان ۽ ٻيو لاڙ جو سير. ليڪن اهي ٻئي ڪتاب سنڌي ادب جا شهپارا ليکيا وڃن ٿا. الله بچايو سمون 9 ڊسمبر 1958ع تي وفات ڪري ويو.


پڻ ڏسندا[سنواريو]