الجي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

الجي (Algae ):-الجي- ٻوٽن جي دنيا ۾ سادي ۾ سادو گروپ آهي. هي روشنائي -ترڪيب- وسيلي پنهنجو کاڌو پاڻ ٺاهي ٿي. ٻين ٻوٽن وانگر هن ۾ به سائو مادو ’ڪلوروفل‘ ٿئي ٿو. هن جي اصل جاءِ -پاڻي- آهي ۽ هي مٺي توڙي کاري -پاڻي- ۾ پيدا ٿئي ٿي. اهڙي طرح هي وهندڙ ندي، نالن، ڍنڍن ۽ سمنڊ ۾ ٿئي ٿي. -الجي- عام طرح -پاڻي- ۾ ترندي رهي ٿي يا پٿرن وغيره سان چنبڙيل هوندي آهي. بناوٽ جي لحاظ کان -الجي- ٻن قسمن جي يعني هڪڙي هڪ گھرڙي واري ۽ ٻي گھڻن گھرڙن واري ٿئي ٿي. نيري سائي -الجي- کانسواءِ -الجي- جي ٻين سڀني گروهن ۾ گھرڙي جي اندر نيوڪليس ۽ ٻيون بناوٽون موجود ٿين ٿيون. هي روشنائي -ترڪيب- وسيلي پنهنجو کاڌو پاڻ ٺاهي ٿي. ڪجهه گھڻ گھرڙن واري -الجي- جي بناوٽ ڌاڳي نما Fintamentous جھڙي ٿئي ٿي. الجي جون 20000 کان به وڌيڪ جنسون ٿين ٿيون، -جن- کي رنگن ۽ بناوٽ جي بنياد تي مختلف گروهن ۾ ورهايو ويو آهي، جيئن ڪلئميڊو موناس يا گھڻ گھرڙن وارا يولو ٽرڪس ۽ اسپائرو گائرا ٿين ٿا. -پاڻي- واري ماحول ۾ ٿيندڙ روشنائي -ترڪيب- جو تقريباً 90 سيڪڙو -الجي- جي ڪري ٿئي ٿو. انهيءَ عمل جي دوران پيدا ٿيندڙ آڪسيجن مان -ٻوٽا- ۽ جانور ساهه کڻندا آهن. -الجي- روشنائي -ترڪيب- وسيلي صرف پاڻ لاءِ خوراڪ پيدا ڪندا آهن. پر انهيءَ ماحول ۾ رهندڙ جانورن لاءِ کاڌي جو وڏو ذريعو آهي. اهڙي طرح هي -پاڻي- جي غذائي زنجير ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿو.[1]

حوالا[سنواريو]