اديب رضوي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مشهور ڊاڪٽر اديب رضوي ڪراچيءَ مان ايم. بي. بي. -ايس- جي ڊگري وٺڻ کان پوءِ اعليٰ -تعليم- جي حصول لاءِ برطانيه هليو ويو. 1972ع ۾ واپس آيو ته ڪراچيءَ جي سول اسپتال ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور مقرر ٿيو. سندس ڪوششن سان ڪراچي اسپتال ۾، ملڪ جو ٻيو نمبر وڏو شعبو ”يورالاجي“ قائم ٿيو. آهستي آهستي -ترقي- ڪندي، -ان- شعبي ”سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورالاجي ائنڊ ٽرانسپلانٽيشن“ جي صورت اختيار ڪري ورتي، جنهن جو شمار -ايشيا- جي بهترين طبي ادارن ۾ ٿئي ٿو. هن اداري ۾ او پي ڊي جي مريضن سميت، سال ۾ هڪ لک کان وڌيڪ مريضن جو علاج ڪيو ويندو آهي. مريضن جو سموريون ٽيسٽون مفت ۾ ڪيون وينديون آهن. بُڪين جي تبديليءَ جو پهريون آپريشن پڻ ڊاڪٽر صاحب، هن ئي اداري ۾ 20 نومبر 1985ع تي ڪيو هو ۽ سن 2009ع تائين هزارين اهڙا آپريشن، ڊاڪٽر صاحب خود به ڪري چڪو هو. هو -پاڪستان- ۾ بڪين جي پيوندڪاريءَ جو وڏو ماهر ڊاڪٽر آهي. سندس خدمتن جي مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ به مليا اٿس.[1]