ادبي پورهيو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ادبي پورهيو (Adabi porihiyo) يا تخليقي پورهيو يا تخليقي پورهيئي جي مالڪيءَ جو حق يا انٽيليڪچوئل پراپرٽي رائيٽس (Intellectual Property Rights) اصل ۾ دنيا جا تخليقڪار ۽ موجد پيداواري صلاحيتن، فنن، هنرن ۽ انهن سان لاڳاپيل شعبن جي معاشي بهتريءَ لاءِ يا انهن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪانه ڪا نئين تخليق ڪن ٿا. انهيءَ تخليقي عمل کي حفاظت ڏيڻ لاءِ سندن حقن کي مڃتا ملي ٿي. اهڙي طرح ڪنهن به انسان هٿان ٺاهيل وکر يا وَٿُ جي مٿان مالڪيءَ، قبضي ۽ وڪري جو اهڙو حق، جنهن کي قانوني تحفظ مليل هُجي ۽ ڪابه اختياري مُداخلت ڪرڻ جي سگهه نه رکندي هُجي، ته ان کي ’تخليقي پورهيئي حق‘ سڏبو آهي. انهن حقن ۾ ڪاپي رائيٽ ، ٽريڊ مارڪ ۽ سيمي ڪنڊڪٽر چپ ڊزائينر وغيره اچي وڃن ٿا. اهي تخليقي حق تخليقڪارن/ مالڪن کي ڏنا وڃن ٿا، ته جيئن اهي تخليق ڪيل اسم جو صحيح فائدو وٺي سگهن. انهيءَ حوالي سان کين اها اجازت هوندي آهي ته اهي پنهنجن وکرن جي ڪابه قيمت مقرر ڪن. دُنيا ۾ ڪيتريون ئي بين الاقوامي تنظيمون آهن، جيڪي تخليقي/ پيداواري حق جي سلسلي ۾ جاکوڙ ڪن ٿيون.[1]

حوالا[سنواريو]