اخناتون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مصري فرعون اخناتون (Akhnaatoon) پنهنجي لاءِ آمن هوتپ جو لقب اختيار ڪيو، هن جي گهر واري نيفريٽي بہ وڏي ڏاهي مائي هئي. آمن هوتپ ان وقت جي عبادت گاهن مان بت ڪڍائي ڇڏيا هئا. هن اڪيلي خدا جو تصور ڏئي اهو چيو تہ ھو ھر ھنڌ حاضر آهي ۽ اهي ھدايتون کيس شماش (شمس =سج) کان مليون آهن. وحدانيت جي حوالي سان سندس اهي مذهبي سڌارا گهڻو وقت نہ هلي سگهيا، پروهت طبقو بي روزگار ٿيڻ لڳو تہ ان آمن رع سان رٿ سٽي (سازش) ڪري اخناتون جو تختو اونڌو ڪرايو ۽ رع پاڻ کي ديوتا قرار ڏئي، بت پرستي وري چالو ڪري ڇڏي. اڳتي هلي اخناتون جي انهن ئي خيالن سامي وحداني مذهبن جي راھ ٺاهي تيار ڪئي ۽ منظم وحداني مذهب طور يهوديت جو ظهور ٿيو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. مصري فرعون اخناتون ۽ سندس زال نيفريٽي، محقق ۽ ليکڪ؛ حفيظ ڪمڀر