اخلاقي گهڻائي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اخلاقي گهڻائي (اڪثريت) يا مارل ميجارٽي (Moral Majority) اصل ۾ هي آمريڪا جو دٻاءُ پيدا ڪندڙ هڪ گروهه (Pressure Group) آهي، جنهن جو بُنياد 1959ع ۾ پيو. ان گروهه جو مقصد هُئو، ته آمريڪا جي جن علائقن ۾ ڪنهن قانون ٺاهيندڙ اداري يا سپريم ڪورٽ اهڙا معيار قائم ڪيا آهن، جيڪي آمريڪا جي گهڻائي (اڪثريتي) رهواسين جي خيالن سان ٺهڪندڙ نه آهن، ته اُنهن کي سڄي آمريڪا مان ختم ڪرايو وڃي. انهيءَ سلسلي تحت آمريڪي چونڊن ۾، اخلاقي طور پراڻ پسند سياستدانن جي چونڊ مهم جي پٺڀرائي ڪرڻ هو. 1970ع جي ڏهاڪي جي پڇاڙي ۾، هيءَ تنظيم آمريڪي سياسي سرشتي ۾ ٻن تبديلين جو اُهڃاڻ بڻي. هڪ ته عيسائي بنياد پرستن ذريعي آمريڪا ۾ مذهبي گروهن جي مداخلت ۾ تيزي، آئي ۽ ٻيو ته ٽيليوزن ۽ ريڊيو ذريعي اهڙن مذهبي پرچارڪن جي مشهوريءَ ۾ واڌارو ٿيو جن ميڊيا کي مذهب سان گڏ سياسي سنيهي يا پرچار لاءِ پڻ ڪتب آندو. ان گروهه جو سرواڻ ”جيري فالوبل“ هو، جڏهن ته هن تحريڪ جي بنياد وجهڻ لاءِ تحرڪ وٺندڙن ۾ پال ويرچ، رچرڊ ويگري ۽ هاورڊ فلپس شامل هئا.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري آرڪائيو ڪيا ويا 2019-02-08 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد