اختر حسين رائيپوري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڊاڪٽر اختر حسين رائيپوري اردو ٻوليءَ جو ممتاز ترقي پسند اديب، محقق، نقاد، مترجم ۽ استاد، سيد اڪبر حسين جو پٽ 12 جون 1912ع تي رائيپور ۾ پيدا ٿيو. هي ڊپٽي سيڪريٽري تعليم ۽ چيئرمين ڪراچي ثانوي بورڊ، پهريون ڊائريڪٽر يونيسڪو ڪراچي ۽ وزيٽنگ پروفيسر ڪراچي يونيورسٽي پڻ رهيو. سندس تصنيفون هي آهن: 1. محبت اور نفرت 1938ع، 2. زندگي ڪا ميلا 1947ع، ڊاڪٽر اختر حسين ڪَي افساني، 4. ادب اور انقلاب، 5. روشن مينار، 6. گورڪي ڪِي آپ بيتي، 7. گردِ راه (خودنوشت)، 8. شڪنتلا (ترجمه)، 9. پياري زمين (ترجمه)، 10. مقالات گارساندتاسي. هن نامور شخصيت 2 جون 1992ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي.[1]

حوالا[سنواريو]