اتر آمريڪا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اتر آمريڪا دنيا جي 7 کنڊن مان هڪ آهي. هن کنڊ ۾ ڪئناڊا ۽ آمريڪا اهم ملڪ آهن. هن کنڊ جي رهاڪن کي ڳاڙها هندستاني (Red Indians) قوم سان سڏيو ويندو آهي. هن قوم کي نون آباد ڪندڙ يورپين قتل عام کان پوء تقريبن ختم ڪري ڇڏيو هو.

يورپين پهرين آمريڪا ۾ سون جي ڳولا ۾ پهتا. هو اتان جي اصل رهاڪن يعني فرسٽ نيشنز (ريڊ انڊينس) کي ڏکين کاڻين ۾ مزور ڪري استعمال ڪندا هئا. انهن کان ايڏو ته پورهيو ڪرائيندا هئا، جو هو ويچارا تنگ ٿي آخر خودڪشي ڪري ڇڏيندا هئا. ڪڏهن ته ڳوٺن جا ڳوٺ انهن ظلمن کان تنگ ٿي اجتماعي خودڪشي به ڪندا هئا. ايئن لکين ريڊ انڊين مري ويا ۽ سندن ڪم متاثر ٿيڻ لڳو. جنهن کان پوءِ هو شيدين کي آفريڪا مان غلام ۽ قيدي ڪري ٻيڙا ڀري وٺي آيا. ڇو ته آفريڪا جا مُلڪ اڳ ۾ ئي هنن جا غلام هئا. اصلوڪن آمريڪين جن تي هنن نالو رکيو ريڊ انڊين، تن جي آدمشماري هنن جي ظلمن سان گهٽجڻ لڳي، سو هنن آفريڪا مان غلام آڻي انهن کان پورهيو ڪرائيندا هئا، ايئن لکن جي تعداد ۾ آفريڪي، آمريڪي سوسائٽي جو حصو بڻجي ويا.

1865ع کان پوءِ ابراهام لنڪن وڏي جاکوڙ کان پوءِ آفريڪن آمريڪنز کي ڪجهه حق ڏياريا. 1920ع کان پوءِ هنن کي ووٽ جو حق مليو ۽ الڳ اسڪولن ۾ پڙهڻ جو خاتمو 1954ع ۾ ٿيو. يورپينز گهڻو ڪري آفريڪن آمريڪنز کي زراعت جي مزوري لاءِ استعمال ڪندا هئا. هنن جي گهڻي محنت ڪري زراعت ايتري ته وڌي وئي جو آمريڪا دنيا جو امير ترين زرعي ملڪ ٿي ويو. سندس زرعي پيداوار ايتري ته وڌي وئي جو هو چاليهه سيڪڙو پنهنجو زراعت جو سامان ٻي دنيا کي موڪلڻ لڳو. آمريڪا ۾ غلاميءَ جو سلسلو ايترو ته وڌي ويو جو نيٺ مجبور ٿي آمريڪي ڪانگريس 1808ع ۾ هن ڪاروبار تي مڪمل بندش وجهي ڇڏي ۽ نيٺ وڃي ويچارن آفريڪين آمريڪنز جي جان ڇٽي. اڄ آفريڪن آمريڪن، آمريڪا جا عزتدار شهري آهن. جيڪي سڄي آمريڪن معاشري ۾ برابر جا ڀائيوار آهن. [1] [2]


  1. ٽوئر ٽو آمريڪا (عبدالحئي پليجو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-09-27 
  2. ڪتاب: ٽوئر ٽو آمريڪا، ليکڪ: عبدالحئي پليجو