ابن جریر طبری

Wikipedia طرفان
ڏانهن ٽپ ڏيو رهنمائي, ڳولا

ابن جریر طبری[سنواريو]

سوانح محمد بن جرير رح[سنواريو]


امام محمد بن جرير رح جن جي ولادت باسعادت 224 هجري طبرستان جي شهر آمل ۾ ٿي ، هي اهو دور هو جڏهن سلطنت عباسيه جو عروج هو ۽ سندس سڄي جمار عهد خلافت عباسيه ۾ گذري ، طبرستان هن وقت پڻ سياست ۽ مذهبي حلقن جنهن ۾ معتزلي ، خوارج ، باطني جو گهوارو هو ۽ ابن جرير جي ٻيهر طبرستان ورڻ وقت روافض جو عروج ٿي ويو هو ابن جرير رح جو نالو ، محمد بن جرير بن يزيد بن ڪثير بن غالب الطبري الآملي هو سندس کوڙ سار لقب آهن جنهن ۾ الامام ، المجتهد ، المفسر ، المورخ، المحدث ، الحافظ ، العلامه ، اللغوي ، المقريءَ ۽ سندس اهي سڀئي القاب سندس بزرگيت تي دلالت ڪن ٿيون .

  سندس ڪنيت (ابن جرير) هئي ۽ طبرستان ۽ آمل ڏينهن نسبت هجڻ ڪري پاڻ الطبري ۽ الآملي سڏرائيندا هئا .
   ابن جرير رح هڪ آسودي گهراني ۾ اک کولي ، سندس پيءُ  هڪ ڏينهن خواب ڏٺائين ته ابن جرير رح نبي ڪريم ﷺ جي ٻنهي هٿن جي وچ ۾ آهن ۽ نبي ڪريمﷺ جي هٿن مبارڪن ۾ پٿريون آهن جنهن کي ابن جرير رح کڻي اڇلائي رهيا آهن ، عالمن کان جڏهن هن جي تعبير پڇا ڪيائين ته انهن چيو ته اوهان جو پٽ وڏو ٿي ڪري  دين جي خدمت سرانجام ڏيندو ۽ اهو خواب ابن جرير جو علم حاصل ڪرڻ جو سبب بڻيو . 
      ابن جرير رح ستن سالن ۾ قرآن مجيد حفظ ڪيائين اٺن سالم ۾ امامت جهڙو فريضو انجام ڏنائين نون سالن ۾ حديث لکڻ شروع ڪيائين ۽ جڏهن سورهن سالن جا ٿيا ته اماماحمد بن  حنبل رح جي زيارت جو شوق ۾ بغداد ڏانهن سفر ڪرڻ شروع ڪيائين  ، سندس سڄو خرچ ۽ بار پيءُ کڻدو هو جڏهن سندس والد جو انتقال ٿيو ته ورثي ۾ زمين جو ٽڪڙو مليس جنهن جي آمدني  مان ابن جرير رح پنهنجو گذر سفر فرمائيندا هئا . 

ابن جریر رض جا استاد[سنواريو]

  1. ابن جرير رح جن وڌن عالمن جا شاگرد هئا جن مان:
#محمد بن حميد الرازي التميمي (241)  ھ  “ري” 
  1. ابو همام الوليد بن شجاع (243) ھ “ ڪوفه”
#  عمران بن موسيٰ الليثي البصري ( 240) ھ “ بصره” 
#احمد بن منيع البغوي ابو جعفر (244) ھ 
  1. محمد بن العلاء الهمداني ابو ڪريب (247) ھ “ ڪوفه”
  2. محمد بن عبدالملڪ بن الشوارب البصري الاموي (244) ھ
#محمد بن بشار العبدي البصري ( 252) ھ 
  1. الامام الحافظ يعقوب بن ابراهيم الدورقي (252)ھ
  2. بشر بن عبدالاعليٰ الصنعائي البصري (245)ھ
#ربيع بن سليمان الازدي (250) ھ 
#حسن بن محمد الزعفراني البغدادي الشافعي (260) ھ  
  1. اسماعيل بن يحييٰ المزني (264) ھ
  2. محمد بن عبدالله بن عبدالحڪم المالڪي المورخ (264)

۽ هن کان سواءَ کوڙ سارا عالم سڳورا آهن جن کان ابن جرير رح جن علم القرآن ۽ علم حديث فقه حنفي ، شافعي ، مالڪي ۽ تاريخ جو علم وغيرن جو سکيا حاصل ڪئي .

ابن جریر جو علمی سفر[سنواريو]

ابن جرير رح علم حاصل ڪرڻ لاءِ پهريان “ ري” جو رخ ڪيو پوءِ عراق ۾ ويو هتي ڪوفه ، بصريٰ ، بغداد ۾ علم حاصل ڪيائين تنهن کان پوءِ شام بيروت ڏانهن ويا ۽ هن کان پوءِ مصر ۽ مصر کان وري شام جو رخ ڪري وري مصر ڏانهن واپس وريا ۽ مصر کان پوءِ پنهنجي آبائي وطن طبرساتن ويا پر هتي ان وقت رافضين جو غلبو ٿي چڪو هو جيڪي صحابن ۽ شيخين تي سب وشتم ڪندا هئا ابن جرير فضائل شيخين املاءِ ڪرائي جنهن سان روافض سندس جان جا ويري ٿي پيا ۽ ابن جرير رح مجبور ٿي هٿان فرار ٿي وڃي بغداد سڪونت اختار ڪئي ۽ پنهنجي باقي حياتي بغداد ۾ گذاريائين .

ابن جریر جی عالمن پاران ساراہ[سنواريو]

ابن جرير رح بابت کوڙ سارن عالمن ساراه ۾ لکيو آهي جنهن مان ڪجه هٿ پيش ڪجن ٿا ؛ ابن خلڪان وفيات الاعيان ۾ لکن ٿا ته “ ابن جرير ...... وڏي تفسير ۽ مشهور تاريخ جو مالڪ ، تفسير حديث فقه تاريخ ۽ ان کان علاوه گهڻين فنن جو امام هو ۽ هن جون مختلف فنن ۾ خوبصورت تصنيفون آهن جيڪي هن جي وسعت علمي تي دلالت ڪن ٿيون ۽ پاڻ مجتهد امام هئا ” . امام سيوطي رح طبقات المفسرين ۾ لکن ٿا ته “ محمد بن جرير بن يزيد بن ڪثير بن غالب الطبري مفسرينن جو سردار، امامن منجهان جمع ڪيائين اهڙن علمن کي جنهن ۾ هن جي دور ۾ ڪير به مشارڪت نه ڪري سگهيو ڪتاب الله جو حافظ هو ، معاني ۾ بصيرت رکندڙ هو، قرآني احڪامن ۾ فقيه سنت ، طرق ، صحيح ۽ سقيم ناسخ ۽ منسوخ ۾ احوال صحابه ۽ تابعين کي ڄاڻيندو هو. ابن ڪثير رح البدايه والنهايه ۾ لکن ٿا ته “ محمد بن جرير بن يزيد بن غالب ، امام جعفر الطبري جنهن جي 224 ۾ ولادت ٿي . ڪڻڪي اکيون ، خوبصورت جسم ڊڳهو قد ڳالهائڻ ۾ صاف گو ، گهڻن کان روايت ڪيائين ، حديث جي ڳولها ۾ ڪنڊ ڪرڇ ۾ سفر ڪيائين وڏو تاريخدان ۽ ڪامل مفسر ۽ هن کان علاوه اصول ۽ فروع ۾ نفع بخشيندڙ تصنيفون اٿن ۽ هنن مان تهذهيب الآثار آهي پر هن کي پورو نه ڪري سگهيو ۽ هن بابت اهو چيو ويو آهي ته چاليه سالن تائين ڪتاب لکندا رهيا جنهن ۾ هر ڏينهن ۾ 40 ورق لکندا هئا . ساڳي ڪتاب ۾ ابن خزيمه جو قول نقل ٿيل آهي ته هو چوي ٿو “آئون زمين جي پٺ تي ابن جرير کان وڏو ڪو عالم نٿو ڄاڻان. خطيب بغدادي فرمائن ٿا ته “ابن جرير ائمه علماء مان هو جنهن جي قول کي مضبوط سمجهيو ويندو هو ۽ هن جي طرف رجوع ڪيو ويندو هو بسبب هن جي ڏاهپ ۽ فضيلت جي .. تنهن کان سواءِ امام سبڪي ، ابن جوزي ، امام ابن تيميه ، امام ابن القيم ، امام ذهبي ، ابن عساڪر ۽ کوڙ سارن سندس تعريف ڪئي آهي ۽ سندس ڪارنامن کي سارهايو آهي .

ابن جرير رح جا شاگرد[سنواريو]

  1. (1)ابو شعيب عبدالله بن الحسن الحرابي (290) ھ هيءُ ابن جرير رح کان عمر ۾ وڏا هئا .
  2. (2) الامام الحافظ ابو قاسم بن بن احمد الطبراني (360) ھ
  3. (3) الشيخ القاضي ابو بڪر احمد بن ڪامل (350) ھ
  4. (4) الامام ابو احمد عبدالله بن عدي (365) ھ
  5. (5) القاضي ابو الفرج المعاني بن زڪريا النهرواني معروف ابن طرار (390) ھ

تنهن کان سواءِ کوڙ سارا شاگرد هئا اختصار کي مدي نظر رکندي هتي پيش ڪرڻ کان معذرت ڪجي ٿي .

امام ابن جرير جو منهج[سنواريو]

امام محمد بن جرير اهل سنت والجماعت جي وڏڙن عالمن مان ڳاڻاٽو ٿئي ٿو ، سندس منهج ۽ عقيدو اسلاف صالحين وارو هو ، صريح السنه نالي ڪتاب ۾ پنهنجا عقايد ذڪر ڪيا اٿس جيڪو اهل سنت وٽ مشهور آهي . جيتوڻيڪ پاڻ شافعي ، حنفي ۽ مالڪي مڪتب فڪر وارن وٽ علم حاصل ڪيائون منڍ ۾ پاڻ شافعي مسلڪ جو پويواري ڪندا هئا پر اڳتي هلي ڪري پنهنجو هڪ ڌار مسلڪ جو بنياد وڌائين جيڪو اهل سنت والجماعت جي نهج منجهان هئا . ابن سبڪي رح پنهنجي ڪتاب طبقات الشافيه الڪبرى ۾ لکي ٿو “ آئون چوان ٿو ته ابن نصر رح ، ابن جرير رح ۽ ابن خزيمه رح اسان جي مذهب جا ستون هئا” . امام سيوطي رح طبقات المفسرين ۾ لکن ٿا “پهريان شافعي هئا ، پوءِ مستقل ڌار مذهب ۽ اقوال اختيار ڪيائين ، هن جا پوئلڳ ۽ مقلد ٿيا ۽ اصول ۽ فروع ۾ هن جا گهڻائين ڪتاب آهن .

ابن جرير رح جون تصنيفون[سنواريو]

  1. (1) جامع البيان في تفسير القرآن 30 جلدن ۾ آهي
  2. (2) تاريخ طبري (تاريخ الرسل والملوڪ)
  3. (3) تهذهيب الآثار وتفصيل معاني الثابت عن رسول الله (آڻپورو)
  4. (4) اختلاف الفقهاء
  5. (5) ادب النفوس الجيده والاخلاق النفيسه .
  6. (6) آداب القضاء
  7. (7) آداب المناسڪ .
  8. (8) بسيط القول في احڪام شرائع الاسلام
  9. (9) التبصير في معالم الدين
  10. (10) الذيل المذيل
  11. (11) صريح السنه

تنهن کان سواءِ گهڻن گمراه فرقن جي رد ۾ ڪتاب لکيائون جن ۾ (الرد علا ذي اسفار ، الرد عليٰ ابن الحڪم علي مالڪ ، الرد عليٰ الحرقوميه ۽ هن سان گڏ فضائل ۾ فضائل شيخين ، فضائل علي بن ابي طالب ۽ فضائل ابن عباس رضوان الله عليهم اجمعين تصنيف ڪيائون .

ابن جرير مٿان شيعيت جي تهمت ۽ هن تي رد[سنواريو]

ابن جرير رح مٿان به ٻين وڏڙن عالمن جن ۾ امام ابو حنيفه رح ، امام نسائي ، امام بخاري ، امام احمد بن حنبل رحمهم الله وانگر الزام لڳا سندس مٿان حاسدن شيعيت جو الزام هنيو جنهن کي جمهور عالمن رد ڪري ڇڏيو . فضائل علي رضي الله عنه ۽ حديث غدير خم جي تصديق ، مسح على القدمين جهڙن ڳالهين ڪري اهي الزام سندس مٿان لڳا ۽ ويتر حنابلن هن تي سختي ڪئي جو هن جڏهن طبقات الفقهاء لکيو هو تڏهن امام احمد بن حنبل جو تذڪرو فقيهن ۾ نه ڪيائين جو ابن جرير هن کي محدث مڃيندو هو پر فقيه تسليم نه ڪندو هو ، ٻي ڳالھ ابن جرير نالي هڪ ٻيو شخص هو جيڪو شيعو هو جنهن جي ڏاڏي جي نالي سان فرق ڪري پيو سگهجي ۽ نالي جي هڪجهڙائي به غلط فهمين جو سبب بڻي پيش آهن ڪجه اقوال امام ابن القيم حاشيه ابن القيم على سنن ابي داود ۾ لکن ٿا “۽ ابن جرير بابت جيڪو واقعو بيان ڪيو ويو آهي سو بلڪل غلط آهي ۽ سندس (ابن جرير) جا ڪتاب ۽ تفسير هن ڳالھ جي تڪذيب ڪن ٿا . بي شڪ اهو گمان ته ابن جرير جنهن بابت اها ڳالھ ڪئي وئي آهي سو ٻيو شخص آهي جنهن جو ۽ ابن جرير جي نالي ۾ موافقت ڪري اها غلط فهمي ٿي ”. امام ذهبي سير الاعلام النبلاء ۾ لکن ٿا ته “انهن مان ڪي نقل ڪن ٿا ته (ابن جرير رح) وضو ۾ ٻنهي پير تي مسح کي جائز قرار ڏيندو هو سو اها ڳاله اسين هن جي ڪتاب ۾ نه ڏٺي آهي” . ابن ڪثير رح البدايه والنهايه ۾ لکن ٿا “اها ڳالھ هن جي متعلق مشهور ٿي وئي هئي ته هو وضوءَ ۾ ٻنهيءَ پيرن تي مسح جو قائل هو ۽ هن (پيرن ) تي غسل ڪرڻ واجب ناهي پوءِ علمائن مان ڪن اها دعوى ڪئي آهي ته ابن جرير ٻه آهن هڪڙو هنن مان شيعو هو ۽ اها ڳالھ هن ڏانهن نسبت ڪندا آهن ۽ ابن جرير (سني) بابت اهڙين ڳالھين کان بري ڄاڻائيندا آهن ۽ جنهن ڪلام جي تاويل ڪئي وئي آهي ته سندس ڪتاب ۾ ته هو پيرن کي ڌوئڻ سان گڏ رڳڙن کي واجب چوندو هو پر رڳڙڻ کي مسح سان تعبير ڪيو پر سندس هن ڳالھ کي گهڻا نه سمجهي سگهيا ۽ اها ڳالھ نقل ڪندا رهيا ته ابن جرير غسل ۽ مسح کي واجب قرار ڌيندو هو . (وڌيڪ الله ڄاڻي ٿو) علامه آلوسي رح روح المعاني تفسير ۾ لکن ٿا “؛ ۽ تحقيق شيعه راوين هنن مختلف ڪوڙين ڳالهين کي پکيڙيو پوءِ اهل سنت وارن بنا صحيح ۽ غلط ۾ تميز ڪرڻ ۽ بغير تحقيق ۽ سند جي اهي روايتون نقل ڪندا آيا ، ۽ اهو خال ڪشادو ٿيندو ويو . ۽ آئون چوان ٿو ته جيڪو ابن جرير تخيير جو قائل آهي اهو ابو جعفر رستم شيعو آهي جيڪو صاحب ايضاح للمسترشد في الامامه آهي نه ڪي ابو جعفر بن غالب الطبري الشافعي جيڪو اهل سنت جي سردارن منجهان آهي” .

ابن جریر جی سن وفات[سنواريو]

ابن جرير شعبان جي مهيني سن 310 هجري ۾ انتقال ڪيو ، سندس جنازي نماز ۽ تدفين بابت ابن ڪثير رح لکن ٿا “ ۽ جڏهن هن وفات ڪئي ته سڀني شهرن مان ماڻهو گڏ ٿيا ۽ هن مٿان هن جي ئي گهر ۾ نماز(جنازه) پڙهيو ويو ۽ هتي ئي دفن ڪيو ويو ڪيترن ئي مهينن تائين خلق ايندي وئي ائين نماز پڙهندي رهي ، الله تعالى هن مٿان رحمتون نازل ڪري ” . ۽ خطيب بغدادي بابت ياقوت حموي معجم اللادباء ۾ نقل ڪن ٿا ته هو چوي ٿو “جنازي مهل ايترا ماڻهو گڏ ٿيا جنهن جو شمار الله تعالى کان سوائي ڪنهن کي ناهي ۽ هن جي قبر تي ڪيترائي مهينه جنازي جي نماز رات ڏينهن پڙهندا رهيا .

ليکڪ[سنواريو]

افتخار علي چوهاڻ