ابن بطوطه
Wikipedia طرفان
ابو عبدالله بن محمد عبدالله اللواتي ابن بطوطه سياح ٿي گذريو آهي. پاڻ 1303ع ۾ طنجه شهر ۾ ڄائو. 21 سالن کان پوءِ حج ڪرڻ واسطي مڪي روانو ٿيو. هن کي سير سفر جو شوق ٿيو. هن مديني کان سفر شروع ڪيو تقريباً سڄي دنيا جو سير ڪرڻ کانپوءِ واپس پنهنجي وطن وريو. هن سفر دوران عجيب غريب ماڻهو ۽ واقعا ڏٺا. انهن جا حالات هڪ سفر نامي ۾ قلمبند ڪيائين. هن 28 سالن تائين دنيا جو سير ڪيو. اٽڪل 75 هزار ميلن جو سفر طَي ڪيائين. هو سنڌ به آيو.