آچر گاڏي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آچر نالي شخص، ذات جو ملڪاڻي، سڄي لاڙ ۾ ”آچر گاڏيءَ“ جي نالي سان مشهور هو. هو جاتيءَ جو ويٺل هو، جاتيءَ جي مَلڪن، مامون خان ملڪاڻيءَ ۽ محمد موسيٰ خان ملڪاڻيءَ جو ماڻهو ۽ ٽپال کاتي جو ملازم هو. جاتيءَ کان ميرپور بٺوري ۽ بٺوري کان جاتيءَ ۾ ٽپال رسائڻ جي ڊيوٽي آچر گاڏيءَ جي هوندي هئي. تمام تکو ڊوڙندو هو، تنهنڪري ”ريل گاڏيءَ سان مشابهت ڏيئي، آچر گاڏيءَ جو نالو ڏنائونس.[1]

حوالا[سنواريو]