اھل بيت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(آل رسول کان چوريل)

حضور پاڪ صلي -الله- عليه وسلم -جن- جي خاندان جا ڀاتي، -جن- ۾ حضرت علي عه، حضرت فاطمة الزهرا عه، حضرت حسن عه ۽ حضرت حسين عه اچي وڃن ٿا. عام طرح ”سيد“ يا ”سادات“ قبيلي وارن کي ”-اهل بيت-“ چوندا آهن.[1]

آلِ رسول صلعم جي لغوي معنيٰ آهي ”رسولِ پاڪ صلي الله عليه وسلم جا پويان، وارث، اولاد يا خاندان. اصطلاحي زبان ۾ سندن نياڻي بيبي فاطمة الزهريٰ رضه جي بطن مان پيدا ٿيل اولاد، جيڪي سيد آهن، انهن کي آلِ رسول صلعم چئبو آهي. قرآن پاڪ ۾ هي ڪيترين ئي جاين تي استعمال ٿيل آهي، ساڳي ترڪي- سان ٻين نبين توڙي مشهور ماڻهن بابت به سندن نالن سان نسبت رکندڙ اهڙا لفظ آيل آهن، جھڙوڪ: آلِ ابراهيم، آلِ يعقوب، -آلِ عمران-، آلِ لوط، آلِ هارون ۽ آلِ فرعون وغيره. تاريخي اعتبار سان ”-آلِ رسول صلعم-“ (آلِ محمد صلي -الله- عليه وسلم) جو نالو تيستائين قائم رهندو، جيستائين دنيا قائم آهي.[2]

حوالا[سنواريو]