آغا صوفي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

-آغا- غلام نبي ”صوفي“ ولد -آغا گل- حسن سيپٽمبر 1889ع ۾ شڪارپور جي دراني قبيلي ۾ پيدا ٿيو. هو مشهور شاعر ڊرامه نويس، علم حڪمت ۽ -تصوف- جو ڄاڻو ۽ سچل سرمست جو سوانح نگار ٿي گذريو آهي. -آغا صوفي- سچل سائينيءَ جو رسالو ترتيب ڏئي ڇپايو هو، جنهن ۾ سچل سائينءَ جي سوانح تفصيل سان ڏنل آهي، هن رسالي ۾ ڪافيون ٿوريون شامل ڪيل آهن پر بيتن جو وڏو تعداد آهي. -آغا صوفي- مئٽرڪ جو امتحان سنڌ مدرسة -الاسلام- ڪراچي مان پاس ڪري اچي خيرپور ميرس ۾ پنهنجي والد سان گڏ رهڻ لڳو، -جتي- سندس والد -ان- وقت رياست جو نائب وزير هو. -آغا صوفي- ننڍپڻ کان شاعراڻي طبيعت جو مالڪ هو. شروع ۾سندس تخلص ”دراني“ پوءِ ”صوفي“ ۽ ڪٿي ”نانڪ“ ۽ ڪٿي وري ”-آغا-“ به استعمال ڪيو اٿس. هن حڪمت تي ڪتاب لکيا، -جن- مان ”طبي جواهر“ جيڪو شعر ۾ لکيل آهي، گهڻو مشهور آهي. -ان- کان علاوه ”مناجات قرآن“ ۽ ڊرامي جي -تاريخ- بابت ”-تاريخ- ڊراما“ به لکيائين ۽ ”سچل سرمست“ نالي به هڪ ڪتاب لکيل اٿس، هي صاحب 11 -جولاءِ- 1938ع تي وفات ڪري ويو.[1]