آرميڊا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
آرميڊا ٻيڙو

آرميڊا اسپين جي ان مشهور بحري ٻيڙي جو نالو آهي، جنهن 1588ع ۾ انگلستان تي بحري حملو ڪيو، پر زبردست شڪست کاڌائين. انهيءَ زماني ۾ انگلينڊ تي ايلزبيٿ پهرين جي حڪومت هئي. جڏهن ته اسپين جو بادشاهه فلپ ٻيون هو، جيڪو يورپ ۾ ڪيٿولڪ مذهب جو اڳواڻ به هوندو هو. ان جي دل ۾ گهڻي عرصي کان خواهش هوندي هئي، ته ڪنهن طرح سان انگلينڊ جي ملڪه ايلزبيٿ، جيڪا وري پروٽسٽنٽ مذهب جي پيرو هئي، کي شڪست ڏئي، تخت تان لاهي ڇڏجي. ان ڪري هن جنگ لاءِ تياريون شروع ڪرايون. سندس حڪم تي ”آرميڊا“ نالي وڏو جنگي ٻيڙو به تيار ڪيو ويو. هن ٻيڙي ۾ 130 بحري جهاز شامل هئا. 19 هزار فوجي ۽ 18 هزار ملاح به شامل ڪيا ويا. ان کان سواءِ بحري جهازن ۾ طاقتور توپون به لڳايون ويون. آرميڊا ٻيڙي جي ڪمان ڊيوڪ ميڊينا سڊوينا جي حوالي ڪئي وئي.
انگلينڊ وارن کي جڏهن اسپين جي جنگي ارادن جي خبر پئي، ته هنن به جنگ جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون. انگلينڊ جي بحري ٻيڙي ۾ 197 بحري جهاز ۽ اٽڪل 16 هزار فوجي شامل ڪيا ويا. انگريزي ٻيڙي ۾ ڳريون توپون نه لڳايون ويون. ان هوندي به بم گولا پري تائين اڇلائي سگهڻ جي منجهن سگهه هئي. حقيقت ۾ اها انگريزن جي جنگي چال هئي. هنن جو خيال هو، ته آرميڊا جي ڳرين ۽ طاقتور توپن کان پري رهي، پنهنجي ڌور مار توپن جي گولا باريءَ ذريعي اسپينين کي ڀڄائي ڇڏجي. انگريزي ٻيڙي جي ڪمان، چارلس هاورڊ Charles Howard جي حوالي هئي. آمريڊا 12 جولاءِ 1588ع تي روانو ٿيو. 20 جولاءِ کان انگريزي ٻيڙو به مقابلي لاءِ نروار ٿيو. اسپيني ۽ برطانوي بحري ٻيڙن وچ ۾ ٽن جاين تي خطرناڪ مقابلا ٿيا. 31 جولاءِ تي پلائي مائوٿ Ply Mohth وٽ 2 آگسٽ تي پورٽ لينڊ Port Land وٽ، ۽ 4 آگسٽ تي آئزل آف ويٽ (هڪ مشهور ٻيٽ، جيڪو انلگلستان جي ڏاکڻي ڪناري تي واقع آهي، هي 1974ع کان هڪ ننڍڙي ملڪ جي حيثيت ۾ قائم آهي، جنهن جي ماڻهسيه (آبادي) (1990ع واري آدمشماريءَ مطابق آهي) 161,600 لک آهي. پهرين ٻن مقابلن ۾ انگلستان جي ٻيڙي کي نقصان پهتو، ۽ اهو پوئتي هٽي ويو هو. ماهرن جو خيال آهي ته اها به انگريزن جي هڪ جنگي چال هئي، ته جيئن اسپين جو ٻيڙو ڪاميابيءَ جي خوشيءَ ۾، اڃا به سندن ملڪ جي ويجھو اچي. بهرحال ٽين مقابلي ۾ برطانوي ٻيڙي، پنهنجي پري مار ڪندڙ توپن کي چالو ڪري ڇڏيو، جنهن کان پوءِ هنن جي ڪاميابي شروع ٿي. 6 آگسٽ تي آرميڊا، ڊوور کاريءَ Strait of Dover وٽ پهتو. 7 ۽ 8 آگسٽ جي وچ واري رات ۾، ڇهن انگريزي جهازن ڳرين توپن سان، آرميڊا تي زبردست حملو ڪيو. انهيءَ اوچتي حملي آرميڊا جي صفن کي ٽوڙي ڇڏيو. ان کان پوءِ 8 آگسٽ جي ڏينهن، فرانس جي ساحل وٽ، انگريزي ٻيڙي وري هڪ نئون حملو ڪيو، جنهن سان آرميڊا جي رهي سهي قوت به تباهه ٿي وئي. هنن جون توپون خاموش ٿي ويون. انگريزي ٻيڙي 12 آگسٽ تائين آرميڊا جو پيڇو ڪيو. نيٺ آرميڊا کي ايٽلانٽڪ سمنڊ ۾ ڌڪي ڇڏيو. وڏي ڳالهه ته هوا جو رخ به آرميڊا جي خلاف ٿي پيو هو.
هن بحري جنگ ۾ آرميڊا جو تمام گهڻو نقصان ٿيو هو. هن جا 51 جهاز بلڪل تباهه ٿي ويا هئا. ٻين مان ڪيترن جا سڙه ڦاٽي پيا، يا ٻيو نقصان پهتن. ان کان سواءِ کاڌ خوراڪ ۽ پاڻيءَ جو ذخيرو به کٽي پين. هزارين سپاهي ۽ ملاح مري ويا. صرف 80 جهاز، چند هزار فوجي ۽ ملاح جان بچائي واپس اسپين پهتا. انهيءَ جنگ جي ناڪاميءَ کان پوءِ، اسپين وري ڪڏهن به انگلستان تي حملو نه ڪيو. جڏهن ته انگريزي ٻيڙي جو ڪو خاص نقصان ڪو نه ٿيو. هنن جا وڌ ۾ وڌ 3 هزار کن ماڻهو مئا. ان کان سواءِ جهازن کي به معمولي نقصان رسيو. ماهرن جو خيال آهي، ته آرميڊا جي شڪست، بحري فوج جي نون طريقن ۽ جنگي حربن ۾ وڏو انقلاب آڻي ڇڏيو. انگلستان به انهيءَ بحري جنگ کان پوءِ پنهنجي بحري طاقت ۾ گهڻو اضافو ڪيو. آرميڊا واري اها جنگ دنيا جي پهرين ۽ سڀ کان وڏي بحري جنگ هئي. انهيءَ بحري جنگ ۾ ڪاميابيءَ تي ملڪه ايزبيٿ خوشيءَ ۾ نه پئي ماپي. هن هڪ سونو ٻلو جاري ڪيو، جنهن تي لکيل هو، ”خدا ڦوڪ ڏني ۽ هو ڇڙوڇڙ ٿي ويا“.