آدم خور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
آدم خور

اهڙا جانور ۽ ماڻهو جيڪي ڪچو گوشت (خاص ڪري انسان جو) کائين انهن کي آدم خور(cannibal) چوندا آهن.

تاريخ[سنواريو]

جيڪڏهن دنيا جي تاريخ تي نظر ڦيرائجي ته اسان کي هر زماني ۾ آدم خور قومن جو وجود نظر ايندو. آدم خور انسان قبيلن جي صورت ۾ دنيا جي هر کنڊ ۾ نظر اچن ٿا. خاص ڪري اولهه ۽ وچ آفريڪا، نيو گني ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ڪن حصن ۾ اڃا تائين آدم خور قبيلا آباد آهن. ان کان سواءِ انڊونيشيا ۽ آسٽريليا جي ڪن ٻيٽن ۾ پڻ آدم خور موجود آهن، جن کي ٽانڪي چيو وڃي ٿو. انساني معاشري ۾ آدم خوريءَ جي رواج بابت عمرانيات ۽ علم الانسان جي ماهرن جو چوڻ آهي ته هڪ ته بربريت واري دور کان مذهبي رسمن ۽ رواجن جي ادائگيءَ جي موقعن تي انساني گوشت کاڌو ويندو هو. ٻيو ته حيواني گوشت جي ڪميءَ ۽ ڏڪار جهڙين حالتن ۾ به انسان آدم خور ٿي پيو. ايئن به چيو ويو آهي ته انسان جو رت مٺو ۽ گوشت لذيذ ۽ هاضميدار هوندو آهي، تنهنڪري انسان ۾ انهيءَ چسڪي پڻ آدم خوريءَ جو اضافو ڪيو. مذهبي ديوانگي پڻ آدم خوريءَ جو اهم سبب آهي. ميڪسيڪو، فجي ۽ هندستان ۾ آباد ڪجهه قبيلا اڃا تائين انسان کي ديوتائن جي آڏو قربان ڪري اهو گوشت پاڻ کائيندا آهن. آسٽريليا جي ڪن علائقن ۾ مردن کي دفنائڻ بدران ان جا مٽ مائٽ مردي جو گوشت کائي ڇڏيندا آهن. بحري جهازن جي غرق ٿيڻ کان پوءِ ڪيترا بچيل مسافر بک جي پورائيءَ لاءِ هڪ ٻئي جو گوشت کائيندا آهن. اهڙو ئي هڪ دردناڪ حادثو 1846ء ۾ آمريڪا جي رياست ڪيليفورنيا مان لنگهندڙ ”ڊونر پارٽيءَ“ سان پيش آيو. ڊونر پارٽيءَ کي آڪٽوبر جي مهيني ۾ هڪ خطرناڪ برفاني طوفان گهيرو ڪري ڇڏيو. انهي حادثي مان جيڪي بچي ويا، سي بک کان هڪ ٻئي جو گوشت کائڻ لڳا. ڊونر پارٽي جا اڌ کان وڌيڪ مسافر نيم وحشي حالت ۾ ڪيليفورنيا پهتا.[1]