آئلاڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آئلاڻي: هيءَ ٽنڊي محمد خان جا سيٺيون پنهنجي وڏي ڏاڏي سيٺ آئلداس جي بدي مل جي نالي پٺيان پاڻ کي ”آئلاڻي“ ڪوٺائين ٿا. سيٺ آئلداس کي ست پٽ هئا، جن مان هڪڙو سيٺ کيمچند ۽ ٻيو سيٺ ڪيسومل هو، جن جا آنربل سيٺ هرچند راءِ وشنداس جي ڀارواڻي آڪهه سان گهاٽا ناتا آهن. سيٺ ڪيسومل جو پٽ سيٺ گيانچند مکي هوندو هو ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ هلنديءَ وارو هو. حيدرآباد ڪاليج جي پرنسپال ڀارواڻيءَ جو نانو ٿئي. آئلاڻين مان ڪي نوڪريون ته ڪي ڌنڌو ڌاڙي ڪن ٿا. [1]


حوالا[سنواريو]