سلام

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سلام (Salaam) سلام مرثيي جو هڪ قسم آهي ۽ ماتمي شاعري آهي. سلام کي غزل يا قصيدي جي گهاڙيٽي ۾ لکي سگهجي ٿو. ڪربلا جي شھيدن جي شاندار شهادت کي شاعر سلام پيش ڪندا آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ هن قسم جي شاعريءَ جو بنياد ٽالپرن جي دؤر ۾ پيو. هتي سيد ثابت علي شاھ جي سلام جو مثال ڏجي ٿو: شاھ شهيدان حسين تو تي صلوات و سلام دين ۽ ايمان حسين تو تي صلوات و سلام.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سڻڌ.